ناظم جوکيو قتل ڪيس: پ پ اسيمبلي ميمبرن سميت 14 جوابدارن خلاف چالان تي فيصلو محفوظ

Sunday, February 6, 20220 Comments


Nazim jokhyo
ناظم جوکيو قتل ڪيس: پ پ اسيمبلي ميمبرن سميت 14 جوابدارن خلاف چالان تي فيصلو محفوظ

ڪراچي: جي مقامي عدالت ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ جي ٻن اسيمبلي ميمبرن سميت 14 جوابدارن خلاف جمع ڪرايل حتمي چالان تي دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

جڊيشل مئجسٽريٽ ملير الطاف حسين جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي ڪيس جي جاچ آفيسر طرفان جمع ڪرايل حتمي چالان تي ڌرين دليل ڏنا.

حتمي چالان تي دليل ڏيندي درخواستگذار جي وڪيل مظهر جوڻيجي ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 190 تحت درخواست ڏني ته ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي روڪ قلم به شامل ڪيا وڃن.

هن دليل ڏنا ته جوابدارن طرفان ڪيل ڏوهه دهشتگردي جي زمري ۾ اچي ٿو، ڇو ته ناظم جوکئي جو قتل عوام ۾ خوف ۽ بيچيني پکيڙڻ لاءِ ڪيو ويو.

وڪيل عدالت کي اپيل ڪئي ته جاچ آفيسر کي ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي روڪ ايڪٽ 1997 جو قلم 7 شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي.

هن چيو ته جاچ آفيسر ڪيس مان اغوا جا قلم ختم ڪري ڇڏيا آهن ۽ 6 نامزد جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته انهن کي به چارج شيٽ ۾ هجڻ گهرجي، تعزيرات پاڪستان جو قلم 365 به ڪيس ۾ شامل هجڻ گهرجي.

هوڏانهن مخالف وڪيلن درخواست جي مخالفت ڪندي دليل ڏنو ته ڪيس دهشتگردي جي حدن ۾ نٿو اچي، اپيل رد ڪئي وڃي.
Share this article :

Post a Comment

 
Support : Created by Trade Tech Zoo Published by Zahid Hussain Samoon | More +92 34 333 444 34 Proudly powered by Blogger