Queen bee and its life

Sunday, March 20, 20220 Comments

راڻي مک ۽ سندس زندگي Queen bee and its life

پوري ماناري ۾ ھڪ راڻي مک ٿئي ٿي جيڪا جسامت ۾ عام مکين کان وڏي ٿئي ٿي ۽ نر مک جيتري ٿئي ٿي. ھي روزانو 2000 بيدا ڏئي ٿي ۽ پوري زندگي ۾ 10 کان 15 لک بيدا ڏئي ٿي. ھن جي بيدن کي کي اعلا جيلي Royal jelly ڏني وڃي ٿي جيڪا غذائيت سان ڀرپور ٿئي ٿي. راڻي ماکي ماناري جي ھيٺئين حصي ۾ رھي ٿي جنھن خاني ۾ بيدا ڏئي ٿي.
راڻي مک جو بنيادي ڪم بيدا لاھڻ ۔ ماناري جو انتظام ھلائڻ ۽ پنھنجي جسم مان نڪرندڙ ڪيميائي مادي ھڳارن Pheromones جي ذريعي منظم رکڻ آھي. ھڪ راڻي مک جي عمر 5 کان 6 سال ٿئي ٿي.
بيدن لاءِ ھن کي فقط هڪ دفہ نر مک (گهڻو) Drone سان ميلاپ mating جي ضرورت هوندي آهي. ان کان پوءِ ھو پوري زندگي پنھنجو پاڻ زرخيز بيدا ڏيڻ جي قابل ھوندي آھي. اھو ھن جي پنھنجي اختيار ۾ ھوندو آھي ته ھو ڏنل بيدي مان نر مکيون پيدا ڪري يا مادي مکيون ۽ ٻيو حالتن ۽ گھرجن جي آڌار تي پڻ ھوندو آھي ته ماناري ۾ ڪھڙي مکين جي وڌيڪ گھرج آھي انھن جي پيدائش وڌائي وڃي.
ماکي جو رس ٻن قسمن جو ھجي ٿو ھڪ عام رس Ordinary jelly ۽ ٻيو خاص يا اعلا رس Royal jelly. اھي رس مکين جي کاڌي ۾ ڪم اچن ٿا. راڻي مک خاص قسم جو رس اعلا رس Royal jelly واپرائيندي آهي جڏهن تہ ڪم ڪندڙ Worker مکيون عام رس Ordinary jelly کي پنھنجو کاڌو سمجھن ٿيون ۽ اھو رس مکين جي بيدن تي پڻ ڇٽيو وڃي ٿو جنھن سان مکين جا قسم پيدا ٿين ٿا. جنھن بيدي تي عام رس Ordinary jelly ھاريو ويندو آهي ان مان ورڪر مکيون پيدا ٿينديون آهن ۽ جن تي خاص قسم جو رس اعلا رسRoyal jelly ھاريو ويندو آهي ان مان راڻي مک پيدا ٿيندي آھي. اھو رس ھارڻ جو ڪم ڪندڙ مکيون سرانجام ڏينديون آهن جن کي راڻي مک جي طرف کان سختي سان منھن ٿيل ھوندي آھي تہ ڪا بہ مک بيدن جي مٿان خاص رس Royal jelly نہ ھاري باقي نر مک Drone مک راڻي جي پنھنجي ھٿ وس ھوندو آھي جن تي رس اثرانداز ناھي ٿيندو جڏھن تہ راڻي پنھنجي بادشاھي ۾ ڪنهن ٻي راڻي مک جي ھجڻ کي ناپسند ڪري ٿي ان لاء راڻي مک پيدا ڪرڻ تي سختي سان پابندي ھوندي آھي ان ڪري ڪا بہ ورڪر مک بيدن تي خاص يا اعلا قسم جو اعلا  رس Royal jelly ناھن ھارينديون ان ڪري ماناري ۾ مادي يا ورڪر مکين جو تعداد وڌيڪ ھوندو آھي.
پوري ماناري ۾ ٽوٽل نر مکين جي تعداد مان راڻي مک فقط ھڪ نر مک کي ميلاپ لاءِ منتخب ڪري ٿي جيڪو ميلاپ راڻي پوري زندگي ۾ فقط هڪ دفعو ڪندي آھي. نر مک جو پنھنجي ماناري يا ساٿي مکين لاءِ نہ ڪو سماجي ڪارج نہ ھوندو آھي نہ ئي ھو ڪو ڪم ڪار ڪندو آھي. ھي ٺھيل موجود رس کائي زنده رھي ٿو. ھنن جو سمورو وقت راڻي مک جي پويان جنسي ميلاپ لاءِ کيس راضي ڪرڻ ۾ گذرندو آھي. نر مکا گهڻا بقايا سموري ٽي کان ڇھ مھينن جي بي مقصد فضول زندگي گذاريو مريو وڃن ٿا پر ھڪڙي ڳالھ ضرور ياد رکڻ جھڙي آهي اگر نر مکو ماناري ۾ نہ ھجي تہ راڻي مک پنھنجو پاڻ زرخيز بيدا نٿي ڏئي سگهي. سندس وائي بيدن مان فقط نر مکا ئي پيدا ٿيندا رھندا اوستائين جيستائين راڻي مک ڪنھن نر مک سان ملاپ  نٿي ڪري. نر مک جي ميلاپ کان پوءِ ئي مادي يا ورڪر مکيون پيدا ٿي سگھنديون آهن. راڻي ماکي ٻن نمونن جا بيدا ڏئي ٿي.

1. Fertilized eggs زرخيز بيدا
2. Unfertilized اڻ زرخيز بيدا
زرخيزبيدن Fertilized eggs مان ماديون مکيون نڪرن ٿين جيڪي اڳتي ھلي ڪارڪن مکيون بنجي وڃن ٿيون. اڻ زرخيز بيدن Unfertilized eggs مان صرف نر مکيون نڪرن ٿيون.
وقت گذرڻ سان گڏ راڻي مک جي طاقت گهٽ ٿي وڃي ٿي يا بيمار ٿيڻ لڳي ٿي يا ان مان ھڳارا Pheromones گهٽ ٿي وڃن ٿا تہ ماناري ۾ موجود پنھنجي 20 پنھنجي ٻار مکين جي چونڊ ڪري ٿي جن جي 3 ڏينھن عمر ٿئي ٿي جن جي مستقبل ۾ راڻي ماکاري پرورش ڪري ٿي انهن کي راڻي گهرڙي Queen cells ۾ منتقل ڪري ڇڏي ٿي انهن کي خاص خوراڪ اعلا رس Royal jelly کارائڻ شروع ڪري ٿي. ھاڻي اھي مکيون بلوغت تي پھچي وڃن ٿيون. اھي پھرين پاڻ ۾ وڙھن ٿيون ۽ ھڪ ٻئي کي مارڻ شروع ڪن ٿيون. ھلي ھلي 2 راڻيون بچن ٿيون. اھڙي صورت ۾ وري ويڙھ شروع ڪن ٿيون  ھاڻي ھڪ بچي ٿي تہ ان جو خيال پوڙھي راڻي مک کي مارڻ لاء آتو ٿي وڃي ٿو. ھو ٻين مکين کي پاڻ سان ٻڌي ٿي ۽ ڪٽڪ سان راڻي مک کي ويڙھوٽي ذريعي ماري ٿي. ھن حرفت ۾ ڪيئي مکيون ھر طرف کان راڻي مک کي گهيري سيري سوڙھو ڪري وٽي سٽي ڇڏن ٿيون اھڙي طرح مکين جي جسم جو گرمي پد وڌي وڃي ٿو ان وچ ۾ ڪيئي مکيون پڻ مري وڃن ٿيون. ھي عمل اڌ ڪلاڪ تائين جاري رھي ٿو. ھن عمل دوران ويڙھوٽي جو گرمي پد 46 ڊگري فيرنھائيٽ تائين پھچي وڃي ٿو.
ٻي صورت ۾ پوڙھي راڻي جي جان بخشي وڃي ٿي جيڪڏھن اھا نئين راڻي کي تسليم ڪري ٿي.
ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿئي ٿو جو ڪجھ ڪارڪن مکيون پوڙھي راڻي مک سان مانارو ڇڌي ھجرت ڪري وڃن ٿيون. ڪڏھن ائين ٿئي ٿو جو راڻي جي اچانڪ موت تي ھنگامي حالتن جي بنياد تي نئين راڻي بنائي وڃي ٿي. 
 ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿئي ٿو جو ساڻي مک جي موت تي ڪارڪن مکيون ٻي راڻي مک بنائي نہ ٿيون سگهن. راڻي مک جي جسم مان ڪيميائي مادي نہ نڪرڻ جي ڪري باقي ماديون مکيون آنن ڏيڻ جي ڪري قابل نہ ٿيون رھن ڇوجو ھي اڻ زرخيز ٿين ٿين ٿيون. ان ڪري صرف نر مکيون پيدا ٿين ٿين ٿين ٿيون ائين وقت گذرڻ سان سڄي ڪالوني ختم ٿي وڃي ٿي.
ڪڏھن ڪڏھن مکيون بغاوت ڪن ٿيون. مکين ۾ پڻ بغاوت جو عنصر موجود ھوندو آھي، باوجود ان جي ھي ھڪ انتھائي سماجي زندگي گذارڻ جون پابند هونديون آهن پر فطرت يا قدرت ھنن کي بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. اگر ھي مکيون بغاوت نہ ڪن تہ جيڪر ھنن جي واڌ ويجھ جو سلسلو رڪجي وڃي ڇو تہ نہ ڪا ٻي راڻي مک پيدا ٿئي نہ ئي ڪو ٻيو مانارو ٺھي نہ ئي ان لاءِ ڪا راڻي مک، پر فطرت انھن کي ان وقت بغاوت ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي جنھن وقت ماکي جو مانارو تمام وڏو ٿي وڃي ٿو. پوء ڪجھ مکيون پاڻ ۾ ملي جن جو تعداد انتھائي ٿورو ھوندو آھي اھو منصوبو جوڙينديون آھن تہ ڇو نہ ڪجھ راڻي مکيون پيدا ڪيون وڃن جنھن لاءِ ھو ڳجھ ڳوھ ۾ اعلا قسم وارو رس Royal jelly ڪجھ بيدن تي ھاري اچن ٿيون اھا سڻس راڻي مک تائين جيستائين پڄندي آھي اوستائين ڪجھ راڻي مکيون پيدا ٿي چڪيون ھونديون آھن ۽ پوءِ جلد ئي راڻي مک پنھنجي وفادار مکين کي حڪم ڏيندي آهي تہ انھن سڀني باغي مکين ۽ راڻي مکين کي ھٿ ڪري ھن ماناري مان ڏيھ نيڪالي ڏني وڃي. ڪم ڪندڙ مکيون حڪم جي بجا آوري ڪندي جلد ئي مڙني باغي ورڪر مکين ۽ نيون پيدا ٿيل راڻي مکين کي ڏيھ نيڪالي ڏئي ڇڏينديون آهن جن جو تعداد محدود ھوندو آھي جيڪي پنھنجي منھاري مان ٻاهر نڪرندي ئي نئوان مانارا ٺاھڻ شروع ڪري ڏينديون آهن اھڙي نموني ماکي جي مکين ۾ واڌ ويجھہ جو سلسلو جاري رهندو آهي.
Share this article :

Post a Comment

 
Support : Created by Trade Tech Zoo Published by Zahid Hussain Samoon | More +92 34 333 444 34 Proudly powered by Blogger